Tharparkar

Tharparkar

Share

I Love Thar. ❤️ Tharparkar NEWS Update

12/05/2026

اڄوڪو مٺي واسي جوڙو پسند جو پرڻو ڪرڻ کان پنهنجو ويڊيو بيان جان ڪري ڇڏيو

16/05/2025

*ٽائون چيئرمين چيلهار ۽ صحافي رجب رحمي تي ايس ايڇ او پاران تشدد جي جانچ لاء جوڙيل ڪميٽي چيلهار ٿاڻي پهتل......*

اڳوڻي ايس ايڇ او حيدري کي مڪمل سياسي آشيرواد هجڻ سبب وڊيو ۾ فائرنگ ۽ ڌڪ هڻڻ جا آواز موجود هوندي به انڪوائري ڪميٽي جوڙي ويئي.
*ڏسجي وڌيڪ ڪميٽي ڇا ٿي ڪري....*

15/05/2025

ٿرپارڪر سميت پوري سنڌ ۾ هر يونين ڪائونسل کي هر مهيني ڏھ لک روپيا بجيٽ ملي ٿي، جيڪا ساليانه هڪ ڪروڙ ويھ لک روپيا ٿئي ٿي…!!!
اھڙي طرح ٽائون ڪميٽين ء ميونسپل ڪميٽين جي بجيٽ هر مهيني ڪروڙن ۾ آهي ….
پر اُها بجيٽ ڪيڏاهن ٿي وڃي ڪٿي ٿي خرچ ٿئي ڪنهن کي ڪاخبر ڪونهي ء نه ئي اسان خبر وٺڻ جي زحمت به ڪيون ٿا….!!!
مطلب اسان ووٽ ڏئي وري چئن سالن کان پوء ووٽ ڏيڻ جو انتظار ڪيون ٿا بس ….!!!
جڏهن ڪنهن چئرمين يا سيڪريٽري کان پڇجي ٿو ته زباني ڪلامي اهو چيو ڇڏين پئسا پگهارن ۾ ء تيل ۾ پورا ٿيو وڃن…..
معلومات تائين رسائي جو قانون 2017 پاڪستان جي ھر شهري کي اهو اختيار ڏئي ٿو ته هو ڪنهن به اداري کان مُڪمل معلومات حاصل ڪري سگهي ٿو،
صرف هڪ سادي پني تي درخواست لِکو لاڳاپيل اداري کي موڪليو پندرهن ڏينهن ۾ اهو ادارو لکت ۾ جواب ڏيڻ جو پابند آهي لاڳاپيل ادارو يا آفيسر وڌ ۾ وڌ ڏھ ڏينهن وڌيڪ توهان کان گهُري سگهي ٿو، اگر انهي ٽائيم پيرڊ اندر اوهان کي گهربل معلومات فراھم نه ٿئي ته اوهان رائيٽ ٽو انفارميشن جي ڪمشنر جيڪو ڪراچي ۾ ويهندو آهي انهي کي لکي سگهون ٿا ء ڪمشنر 45 ڏينهن ۾ اها معلومات اوهان کي فراهم ڪرڻ جو پابند آهي ء معلومات نه ڏيندڙ آفيسر يا لاڳاپيل ڊپارٽمينٽ تي ڏنڊ ھڻي سگهي ٿو…….
(اوهان جي سهولت لاء درخواست جو هڪ خاڪو هيٺ ڏجي ٿو )..
اوهان اھڙي طرح درخواست لکي معلومات حاصل ڪريو…!!!
اوهان پنهنجي پنهنجي ادارن کان معلومات وٺو ته ڏندين آڱريون اچي وينديون ته ڪيترا ملازم جيڪي جعلي آرڊرن تي ڪم ڪن پيا ڪيترا اهڙا ملازم آهن جيڪي ڊيلي ويجز جي نالي تي لکين روپيا سالانا ڳڙڪائين پيا جيڪي اصل ۾ سياسي ڀوتارن جا ذاتي بورچي، گن مين يا ڊرائيور آهن…
اوهان انگ اکر گڏ ڪيو اگر ڪٿي قانوني صلاح گهربل يا ڪورٽن ۾ اسان اوهان جي مدد لاء ويٺا آهيون..
سبحان سميجو (وڪيل)
ھاء ڪورٽ
Cell no 03332975472
03413801151

15/05/2025

*عمرڪوٽ ڳوٺ لڌار*

نرڀو مل ميگھواڙ جون 120 ٻڪريون نئي ثمر پمپ جو پاڻي پيئڻ سبب مري ويون ڪيتريون ئي ٻڪريون تڙپن پيون انتظاميا کي اپيل آهي ته ٻڪريون بچائڻ لاء مدد ڪري......

Want your business to be the top-listed Media Company in Mithi?
Click here to claim your Sponsored Listing.

Website

Address

Gadhi Bhitt
Mithi
69230