Village Rurghar

Village Rurghar

Share

#ٿرپارڪر
جي
قديمي ڳوٺ جون خوبصورت تصويرون ويڊيوز وغيرہ ��

29/03/2026

فوتگي جي اطلاع

اشرف ولد فيضو سميجو ڳوٺ رڙگھڙ تعلقو ڏاھلي ٿرپارڪر جن جو قضاء الاهي سان انتقال ٿي ويو آهي
جنھن جي نماز جنازه رات جو 9 وڳي ڳوٺ ۾ ادا ڪئي ويندي٠

20/02/2026

کليو خط ✍🏻
بنام:
پير امير علي شاه جيلاني
ميمبر قومي اسيمبلي پاڪستان

السلام عليڪم،

عرض آهي ته ڏاهلي تعلقي جي ڳوٺ رڙگھڙ جي سميجا برادري 1985ع کان وٺي مسلسل Pakistan Peoples Party سان وفاداري نڀائيندي اچي رهي آهي. هن علائقي جي ماڻهن هميشه پنهنجي ووٽ وسيلي پارٽي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي. ٻي عوام سان گڏوگڏ اسان جي ڳوٺ جي حمايت سان مرحوم پير نور محمد شاه چار ڀيرا ايم اين اي چونڊجي آيا، ۽ بعد ۾ اوهان به ٻه ڀيرا قومي اسيمبلي جي سيٽ تي ڪاميابي حاصل ڪئي.

بدقسمتي سان، ڊگهي سياسي وابستگي ۽ وفاداري باوجود، اسان جو ڳوٺ اڄ تائين بنيادي سهولتن کان محروم آهي.

پڪو ۽ معياري روڊ موجود ناهي؛ جيڪو روڊ ٺهيو به، اهو هڪ سال اندر هنڌا هنڌا ٽٽي ويو.

بجلي ۽ مٺي پاڻي جهڙيون بنيادي سهولتون مهيا نه ٿي سگهيون آهن.

لڳ ڀڳ پنج سئو گهرن تي ٻڌل آبادي لاءِ نه هاءِ اسڪول آهي ۽ نه ئي مڊل اسڪول جي سهولت موجود آهي.
ان جي ابتڙ، اسان کان فقط ٻه ڪلوميٽر پري پاڙيسري ڳوٺ جيتراڙ جيڪو ھميشه پيپلزپارٽي جو مخالف رھيو آھي جنھن ۾ روڊ، بجلي، ٻه هاءِ اسڪول ۽ تازو واٽر سپلائي اسڪيم جو ٽينڊر جاري ٿيڻ جهڙا ڪيترائي ترقياتي ڪم ٿيا آهن. پر بدقسمتي سان اسان جو ڳوٺ ھميشه پيپلزپارٽي پاڪستان جو حمايتي رهيو آهي انجي باوجود ان تازي واٽر سپلاءِ اسڪيم ۾ اسان جي ڳوٺ کي نظرانداز ڪيو ويو آهي، جيڪا ڳالھ ڳوٺ واسين لاءِ انتهائي ڏک ۽ مايوسي جو سبب بڻجي رهي آهي.
ڪجهه عرصو اڳ جڏهن اوهان ڏاهلي ٿر جي دوري دوران اسان جي ڳوٺ رڙگھڙ آيا هُئا، تڏهن اسان اوهان کان بجلي جي فراهمي جو مطالبو ڪيو هو، پر جواب ۾ اوهان فرمايو ته:
“توھان لائيٽ کي ڇا ڪندو، توھان جا گھر سڙندا.”
اهو جواب ٻڌي اسان کي ڏاڍي مايوسي ٿي.
بحر حال، اسان اوهان کي عزت سان پر پوري سنجيدگي سان ياد ڏيارڻ چاهيون ٿا ته عوامي نمائندگي جو بنيادي مقصد سڀني علائقن جي برابر ترقي آهي. اسان جي ڳوٺ کي وڌيڪ نظرانداز ڪرڻ نه صرف ماڻهن جي اميدن کي ٽوڙيندو، پر مستقبل ۾ سياسي اعتماد کي به متاثر ڪندو.

تنهن ڪري اوهان کان پُرزور مطالبو آهي ته ڳوٺ رڙگھڙ لاءِ روڊ، بجلي، مٺي پاڻي ۽ تعليمي ادارن جهڙن بنيادي منصوبن تي فوري ڌيان ڏنو وڃي. هاڻي صرف واعدن ۽ دعائن تي گذارو ممڪن ناهي؛ عملي قدم کڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.

والسلام

پاران:
ڳوٺ رڙگھڙ يوٿ ايسوسيئيشن
#رڙگھڙ #بجلي #واٽرسپلائي #اسڪيم

28/11/2025

فوتگي اطلاع
حاجي ولد سراج الدین سميجو جن جو قضاء الاھي سان انتقال ٿي ويو آهي جنهن جي نماز جنازه اڄ صبح 9 بجي ڳوٺ رڙگھڙ تعلقو ڏاھلي۾ ادا ڪئي ويندي،
شريڪ ٿي ثواب دارين حاصل ڪندا

Want your business to be the top-listed Photography Service in Chachro?
Click here to claim your Sponsored Listing.

Telephone

Website

Address


Chachro
69170