Abdul Razzaque Lakhwani Rahimoon

Abdul Razzaque Lakhwani Rahimoon

Share

Media News Officia

03/01/2023

جميعت علماء طاهريه ضلع ٿرپارڪر جو تنظيمي اجلاس

رپورٽ عبدالرزاق راھمون 03453909916

15/12/2022

*ڊاڪٽر قادر مگسي جون حقيقت تي مبني ڳالھيون*
_______________
ٻہ ٽي ڏينھن اڳ حيدرآباد ۾ جيئي سنڌ محاذ جي ميزباني ھيٺ ڪوٺايل سنڌ جي قوم پرستن جي گڏجاڻي ٿي جنھن ۾ سنڌ جي قوم پرست پارٽين جي اڳواڻن شرڪت ڪئي ھن گڏجاڻي ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي صاحب بہ پنھنجا ويچار ونڊيا جنھن ۾ ھن ٽي اھم ڳالھيون ڪيون.

1️⃣. مان صبح جو اٿي جڏھن سجدو ڪندو آھيان تہ اللہ کان دعا گھرندو آھيان تہ يا اللہ پاڪستان کي قائم رک.. ڇو تہ جيڪڏھن پاڪستان جي رياست ٽٽي وڃي تہ پوءِ سنڌ کي لٽيرن کان ڪير بچائيندو؟؟ ويھ لک(موجود ۽ رٽائرڊ) پنجابي فوجي جڏھن سنڌ تي قبضا ڪرڻ شروع ڪندا تہ ان مھل سنڌ جو محافظ ڪير ھوندو؟

2️⃣. سياست زميني حقيقتن تي ٿيندي آھي ھوائن ۾ ناھي ٿيندي، اسان قوم پرست جيڪي بہ آھيون حيدر بخش جتوئي کان وٺي جي ايم سيد ۽ رسول بخش پليجو تائين، اسان جي سياست ۽ اسان جا نعرا ماڻھن لاءِ من لُڀائيندڙ ناھن اھو ئي سبب آھي جو ڪنھن بہ دور ۾ يا ڪنھن بہ وقت ۾ سنڌ جي ڪابہ قوم پرست پارٽي سنڌ جي اڪثريتي پارٽي بڻجي نہ سگھي آھي جو ماڻھو ان سان گڏ بيھي رھيا ھجن اسان محدود دائري ۾ سياست ڪندڙ ۽ محدود ماڻھن تي اثر انداز ٿيندڙ آھيون پوءِ اسان کان توقع رکجي تہ اسان 6 ڪروڙ عوام جا نمائندا ڇو نہ آھيون 6 ڪروڙ انسان اسان جي پوئيواري ڇو نہ ٿا ڪن؟ ۽ اسان انھن جي اجتماعي مفادن جي لاءِ مخلص ڇو نہ آھيون؟ جيڪڏھن ناھيون تہ پوءِ پڪ يا تہ ڀاڙيا آھيون، يا غدار ۽ ايجنٽ آھيون. ھي جيڪو پڙھيل ڪڙھيل ڪلاس جو جيڪو رويو آ ان ڪافي حد تائين سنڌ کي نقصان تائين پھچايو آ..

3️⃣.مان ڪڏھن بہ ھي چوڻ ۾ ھٻڪ محسوس نہ ڪندم تہ قوم پرست سياست پاڪ ٽائيم سياست آھي ۽ پاڪ ٽائيم سياست ڪڏھن بہ قومن لاءِ فائديمند ثابت نہ ٿيندي آھي.

*تبصرو:*

1️⃣ ڊاڪٽر قادر مگسي صاحب بلڪل زميني حقيقتون ۽ سو فيصد صحيح ڳالھيون ڪيون آھن جيڪڏھن پاڪستان نہ رھيو تہ پوءِ سنڌ بہ سلامت نہ رھي سگھندي سنڌ جو پاڪستان کان جدا ٿيڻ بعد سنڌ ۽ باقي بچيل پاڪستان جي صورتحال اھا ئي ھوندي جيڪا ھينئر انڊيا ۽ پاڪستان جي آھي جو ھر ٻئين ڏينھن تي ڪنھن نہ ڪنھن مسئلي ۾ پاڻ ۾ ڳنڍيا پيا آھن..
ھينئر اسان جي سنڌي اڳواڻن ۽ قوم پرستن جي حالت اھا آھي جو پاڪستان جو حصو ھئڻ باوجود سنڌ جي حصي جو پاڻي ۽ ٻيا حقوق حاصل نہ ڪري سگھيا آھن تہ پوءِ پاڪستان کان جدا ٿيڻ بعد انھن جوڌن ۾ ايترو دم آھي جو بچيل پاڪستان(پنجاب) سان وڙھي اتان کان وھي ايندڙ سنڌو درياءَ جي حصي جو پاڻي حاصل ڪري سگھندا؟
ٻيو تہ قوم پرست پاڻ ئي دانھون ڪندا رھندا آھن تہ ڌارين ھميشہ سنڌ تي

03/12/2022
02/12/2022

ڇاڇرو
کيمي جوپار ڊگري ڪاليج ۽ ھاء اسڪول ۾ تعليمي سڌاري لاء گڏجاڻي ٿي جنھن ۾ مختلف ڳوٺن جي سماجي توڙي تعليمي
ماھرن ۽ استادن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.
تفصيلي احوال اڄ جي جيجل منهنجي سنڌ ۾
ڇاڇرو رپورٽ عبدالرزاق راهمون

07/11/2022

ڇاڇرو واسي رڌ پچاء جو ڪم ڪندڙ پورهيت پاران جهوپڙا اسڪول قائم ڪري ورتو

پنج سان اڳ پانڌي راهمون ڳوٺ قبولاڻي جهوپڙا اسڪول قائم ڪري 200 ٻارن کي تعليم ڏيارڻ جو ذميواري پنهنجي سر کڻي ورتي

پانڌي راهمون ڪراچي جهڙي شهر ۾ بورچي جو ڪم ڪري پنهنجي ضرورتن سان گڏو گڏ جهوپڙا اسڪول جو خرچ به پنهنجي پگهار ۾ ڀري ٿو
پانڌي راهمون پنهنجي ڪم ڪار سان گڏ جهوپڙا اسڪول لاء ڪوشش ڪري تعليمي وزير سردار شاه ۽ سيڪريٽري تعليم جي تعاون سان سيمس ڪوڊ به جاري ڪرايو آهي
ڇاڇرو جي ڳوٺ قبولاڻي ۾ 18 سال اڳ هڪ اسڪول جو ڪمرو جاري ڪيو هو جيڪو ڊھي پوڻ بعد سنڌ سرڪار پاران اسڪول جي نئين بلڊيگ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪيو آهي
جهوپڙا اسڪول ڳوٺ قبولاڻي کي تعليمي وزير سردار شاه پاران ماستر مقرر ڪري ڏنو ويو هو جيڪو ڪجهه ڳوٺاڻن ۽ ضلعي انتظاميه جي ملي ڀڳت سان استاد کي ٽڪڻ ڪون ڏنو ويو

ڇاڇرو جي ڳوٺ قبولاڻي ۽ آس پاس جي ڳوٺاڻن جي ٻارڙن جو مستقبل سنوارڻ لاء جهوپڙا اسڪول لا۽ استاد مقرر ڪري ڏيڻ لاء ڳوٺاڻن جو مطالبو

ڳوٺاڻن پانڌي راهمون شادي راهمون علي حسن راهمون بهاول راهمون ۽ ٻين جيجل منهنجي سنڌ سان ڳالهائيندي چيو ته سردار شاه جا شڪرگزار آهيون جن جهوپڙا اسڪول سيميز ڪوڊ ۽ نئين بلڊنگ جاري ڪري ڏني آهي

ڳوٺاڻن پاران تعليم جي وزير سردار شاه سيڪيٽري اڪبر لغاري ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪندي مطالبو ڪيو آهي تہ اسان جي ڳوٺ جي جهوپڙا اسڪول ۾ استاد مقرر ڪري ڏنو وڃي ته جيئن اسان پنهنجي ٻارڙن جي تعليم جاري رکي سگهون

ڇاڇرو رپورٽ عبدالرزاق راهمون03453909916

Want your business to be the top-listed Media Company in Chachro?
Click here to claim your Sponsored Listing.

Telephone

Website

Address


Chachro