Public Library Kandiaro

Public Library Kandiaro

Share

Public Library Town Committee Kandiaro

23/09/2025

ڪنڊيارو ۾ ساڃاھہ وندن ۽ شاگردن پاران پبلڪ لائبرريءَ کي سهولتون نہ ملڻ خلاف انوکو احتجاج ڪري ٽائون چيئرمين لاءِ "جهولي فنڊ" ريلي ڪڍي وئي.

ريليءَ دوران شهرين کان چندو وٺي ٽائون آفيس جي عملي حوالي ڪيو ويو، لائبرريءَ کي سهولتون ملڻ تائين ٽائون چيئرمين جي مڪمل سهائتا ڪرڻ جو اعلان.

ڪنڊيارو : ڪنڊيارو ۾ ساڃاهہ وندن ۽ شاگردن پاران پبلڪ لائبرريءَ جي نئين عمارت کي فعال بڻائي بنيادي سهولتون نہ ڏيڻ خلاف انوکو احتجاج ڪري ٽائون ڪاميٽي ڪنڊيارو کان ريلي ڪڍي شهرين کان ٽائون چيئرمين جي سهائتا لاءِ جهولي فنڊ ڪٺو ڪيو ويو. مظاهرين شهر جو گشت ڪري"ٽائون چيئرمين کي امداد ڏيو" ۽ "ٽائون چيئرمين جي سار لهو" جا نعرا هڻندي شهرين کان چندو گڏ ڪري ٽائون آفيس ڪنڊيارو پهتا ۽ جمع ٿيل فنڊ ٽائون عملي جي حوالي ڪري کين وڌيڪ مالي سهائتا جو يقين پڻ ڏياريو.

ان موقعي تي شاگرد اڳواڻن شمن علي لاکي، الاهي بخش ابڙي، صدام ملاح، وقار مڱريي، سنڌ ساگر پارٽيءَ جي اڳواڻن عبدالجبار مڱريي، جواد تنيي، پورهيت مزاحمت تحريڪ جي اڳواڻ سرمد آزاد، سنڌي ادبي سنگت ڪنڊيارو جي اڳواڻن غفار عباسي، رحمان مڱريي، سنڌين نيشنل ڪانگريس جي اڳواڻن عزير گهانگهري، عابد عطار، جيئي سنڌ قومي محاذ جي اڳواڻن عمر سنڌي، نعمان عباسي، مجيب اڄڻ، ساڃاھہ وندن عامر کوسي، ذڪريا ڏاهري، فياض گهانگهري ۽ ٻين مظاهرين جو چوڻ هو تہ:

لائبرريون سماجي تعمير ۽ ترقيءَ ۾ اڏڻهار وارو ڪردار ادا ڪنديون آهن، پر هتان جي بي شعور ڀوتارن جي تخريبي ذهنيت سبب پبلڪ لائبرري ڪنڊيارو پاڻ گذريل ڪيترن ئي سالن کان پنهنجي لاڀائتي وجود جي تعمير کان محروم بڻيل آهي. شهر جا ساڃاھ وند ۽ شاگرد پبلڪ لائبرريءَ ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف لڳاتار گرمي سرديءَ ۾ احتجاج ڪندا رهيا آهن، پر ٽائون انتظاميہ احتجاج جو نوٽيس وٺي مسئلا حل ڪرڻ بدران لڳاتار ڪن لاٽار ۽ نااهليءَ جو مظاهرو ڪري رهي آهي. ڇاڪاڻ تہ هتان جو نااهل ٽائون چيئرمين شهر جي ٻاونجاھہ ڪروڙ، سٺ لک، ست سئو ٻياسي رپين جي بجيٽ جو اڪثر حصو شهر جي تعمير ۽ ترقيءَ تي خرچ ڪرڻ بدران پنهنجي جيالن ۽ سياسي سهولتڪارن ۾ ورهائي رهيو آهي. اڄ اسان شهرين کان جهولي فنڊ ڪٺو ڪري ٽائون آفيس کڻي آيا آهيون، جيستائين پبلڪ لائبرري ڪنڊيارو جي نئين عمارت کي فعال بڻائي گهربل ڪتاب، مڪمل فرنيچر، سولر سسٽم، ايئرڪنڊيشنڊ، انٽرنيٽ، واش روم، واٽر فلٽر مشين ۽ سڪيورٽيءَ سوڌو سموريون گهربل سهولتون نٿيون ڏنيون وڃن، تيستائين اسان ٽائون چيئرمين جي مالي سهائتا جو سلسلو جاري رکنداسين.

Photos from Public Library Kandiaro's post 12/09/2025

محترم ڪريم داد خشڪ ڪراچيءَ مان پبلڪ لائبرري ڪنڊيارو لاءِ ڪتابن جو تحفو موڪليو آھي، اسين لائبريريءَ جا شاگردن فقير ڪريم داد جا نھايت ئي شڪر گذار آهيون.🙏🌻

Photos from ‎نوجوان اتحاد ڪنڊيارو‎'s post 10/08/2025
Want your school to be the top-listed School/college in Kandiaro?
Click here to claim your Sponsored Listing.

Category

Telephone

Website

Address


Public Library Town Committee
Kandiaro

Opening Hours

Monday 08:00 - 21:00
Tuesday 08:00 - 21:00
Wednesday 08:30 - 21:00
Thursday 08:00 - 21:00
Friday 08:00 - 21:00
Saturday 09:00 - 21:00