Shanker Sagar Writes

Shanker Sagar Writes

Share

This page belongs to the collection of poet Shanker Sagar who belongs to Tharparkar Sindh.

14/09/2024

شنڪر ساگر
نئين غـزل جي مطلع اوھان اڳيان پيش ڪجي ٿي.

ڪارونجهر ھي سرڳ سمان سھڻو ھڪ سنسار آ،
پوڄا لائق پٿـــــــــــــــرن جو ڪونه ڪبو واپار آ.

27/07/2024

بيت
شنڪر ساگر
(1)
وري ڪـــــــــــــنهن جي ياد، کڻي آيو مينهن،
ننڍپڻ وارو نينـــــــــــهن، پلڻ سان پلجي نٿو.
(2)
ڪارا ڪڪر بانورا، بيهجـــــــــــان ٿوري دير،
ڇمڪائيندي ڇير، ڄـــــــاڻ ته آئي سانوري.
(3)
اوھان بن برســـــــــــات ۾، ناھي ڪوئي مزو،
جيڪر ســاڻ ھجو ، مند مھڪي پئي پرين.
(4)
مينهن تنــــــــهنجي ھڪڙي ، ھوندي آ موسم،
سرتي جو آ قسم، چـــارئي مندون چاھ جون.
(5)
کلڻ تنهنجو او مٺيءَ، کنوڻن جــــــو ڄڻ کيل،
بدن اٿئي بانوري ، رٗتن جــــــــــــــو رابيل،
وسڪاري ۾ ھيل ، اچ ته ڀڄون ڀـــــــاڪرين.

08/06/2024

غزل شنڪر ساگر مون کي ھاڻ وساري ڇڏجان، دل جا در تون واري ڇڏجان.

پاڻ ملئون جي ڪنهن موقعي تي.
ڌارين جيئن کيڪاري ڇڏجان.

گذرين جي تون منهنجي گهر کان، نفرت سان نيھاري ڇڏجان.

منهنجي ڳالھ ڪري جي ڪوئي، ڀر مان ڀل تون اۡٿاري ڇڏجان.

عيدن ۽ تهوارن تي دل، سارڻ چاھي ساري ڇڏجان.

عشق، محبت جون ڪي رمزون، ساگر کي سيکاري ڇڏجان.

Photos from Shanker Sagar Writes's post 04/05/2024

منهنجي شاعري جو ٻيو ڪتاب” جڏھن ساگر سُر ڇيڙيا“ سامروٽي پبليڪيشن پاران جلد مارڪيٽ ۾ اچڻ وارو آھي، جنهن جو مهاڳ سنڌي غزل جي خوبصورت شاعر اياز رضوي روح سان لکيو آھي، جڏھن ته بيڪ ٽائيٽل تي سنڌ جي شاھوڪار شاعر ايوب کوسي ۽ سنڌ جي سريلي راڳي رجب فقير مون تي پنهنجي محبتن مان بي مثال ۽ قيمتي رايا لکيا آھن.
مون کي اُميد آهي ته منهنجو هي قلمي پورهيو اوهان مانائتن پڙهندڙن وٽان ضرور محبتون ماڻيندو.

05/04/2024

غزل شنڪر ساگر

زندگي جا سڀ مزا ماڻي وٺو، شام ٿي آ جام ڪي ھاڻي وٺو.

ھردفعي معافيون تلافيون او مٺيءَ، موڪلائڻ جي نه ائين ٽاڻي وٺو.

درد جي ھي رات ڪيڏي سرد آ ،
ڪنهن جي يادن جي سوڙ تاڻي وٺو.

زور ڀربو ناھي ڪنهن کي مڌ جو، جيترو چاھيو اوھين پاڻھي وٺو.

حسن جي آ حڪمراني مختصر .
ڄاڻي وٺو، ڄاڻي وٺو, ڄاڻي وٺو!

رنگ محفل ۾ اگر ڀرڻو اٿئو ، پنهنجي ساگر کي ڪٿان آڻي وٺو.

Want your public figure to be the top-listed Public Figure in Mithi?
Click here to claim your Sponsored Listing.

Category

Telephone

Website

Address


P. O Mithi
Mithi